حاجي عبدالله هارون

حاجي عبدالله هارون

حاجي عبدالله هارون

حاجي عبدالله هارون: آزاديءَ جـي تحـريـڪ جـي نـامـور سـيـاسـتـدان، سر حاجي عبدالله هارون ابوبڪر ميمڻ، 1872ع ڌاري ’ڪڇ‘ جي علائقي ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل هندن جي لوهاڻا ذات مان هئا ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيا هئا. سندس ڏاڏو ميان حسن، پهريان ڪڇ ڇڏي پُوني ويو. ڪجهه وقت ڪم ڪرڻ کان پوءِ واپس ڪڇ پهتو، اُتي کيس هارون نالي فرزند ٿيو، جيڪو انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ 1858ع ۾ سنڌ لڏي آيو. سيٺ هارون ٽي شاديون ڪيون. ميان عبدالله، سيٺ هارون جي ٻئي نمبر گهر واريءَ مان 1872ع ڌاري ڪراچي ۾ ڄائو. هو چئن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. پوءِ سندس پالنا والده حنيفه ٻائي ڪئي. سندس والده پهرين کيس گجراتي اسڪول ۾ ۽ پوءِ انگريزي اسڪول ۾ پڙهايو، پر مالي حالتون بهتر نه هئڻ ڪري، پنجن درجن تائين پڙهائڻ کان پوءِ اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ سندس ماءُ ڪجهه سامان وڪري لاءِ کيس وٺي ڏنو. هو پهرين گهٽين ۾ گهورڙيو بنجي سامان وڪڻندو هو ۽ پوءِ پنهنجي ڀيڻويي جي دڪان تي چار روپيا پگهار تي نوڪري ڪرڻ لڳو. هن 1888ع ڌاري پهرين شادي ڪئي. 1889ع ڌاري والده سان گڏ حج ۽ حرمين شريف جي زيارت ڪري آيو. 1890ع ڌاري مامي سان گڏجي آسام ۾ واپار لاءِ ويو. اتان واپس اچي 1896ع ڌاري پنهنجو جدا واپار شروع ڪيائين. جلدي ترقي ڪري ٿوري عرصي ۾ رنڇوڙ لائين ڪراچيءَ ۾ جايون ۽ وڪٽوريا روڊ تي بنگلو خريد ڪيائين. واپار مان پئسو ڪمائي، سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳو. کيس انگريز سرڪار 1932ع ڌاري ’سر‘ جو خطاب ڏنو. هن 1901ع کان سياست ۾ دلچسپي ورتي. کيس 8 آڪٽوبر 1911ع تي طرابلس جي ترڪن جي مدد لاءِ سنڌ ۾ مير ايوب خان جي صدارت هيٺ قائم ڪيل هڪ انجمن ’هلال احمر سنڌ‘ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن تنظيم سنڌ مان چندو گڏ ڪري ترڪن جي مدد لاءِ موڪليو.
هي 1910ع ڌاري ’سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ ۾ شامل ٿيو، اڳتي هلي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 2 سيپٽمبر 1916ع تائين ميمبر رهيو. پوءِ ٻيو ڀيرو پهرين مئي 1921ع تي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 21 آگسٽ 1934ع تائين ميمبر رهيو ۽ ان عرصي ۾ ڪيترائي ڀيرا مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو به ميمبر رهي شهر جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. 1913ع ڌاري آنرري مئجسٽريٽ مقرر ٿيو.
1917ع ڌاري ’ڪانگريس تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو. 1919ع ۾ مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد علي جوهر جڏهن ’سنڌ خلافت ڪانفرنس‘ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيا، تڏهن وٽس اچي رهيا. پاڻ 1919ع ڌاري سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جو صدر ٿيو ۽ 1924ع تائين ان عهدي تي رهيو. 5 ۽ 6 اپريل 1920ع تي سکر ۾ ’سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪانفرنس‘ جي ستين اجلاس جي صدارت ڪيائين. 22 جون 1920ع تي مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ طرفان هندستان جي وائسراءِ لارڊ چيلمسفورڊ کي هندستان جي مکـيـه قـومپـرسـت مـسلمـانـن پاران تـرڪـن تـان سخـتـي خـتـم ڪـرڻ لاءِ ميمورنڊم ڏنو ويو ته ان تي هن جي به صحي هئي. هو 1923ع ڌاري ٿيل چونڊن ۾ ڪراچيءَ مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ ميمبر چونڊجي ويو ۽ ان عهدي تي ٽن سالن تائين ڪم ڪندو رهيو. 1925ع ڌاري انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس عليڳڙهه ۾ سر عبدالرحيم جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن جي حاجي عبدالله هارون به تائيد ڪئي.
18 نومبر 1926ع تي مرڪزي ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته هي ان جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1942ع تائين لاڳيتو اسيمبليءَ جي ميمبر طور چونڊبو آيو. انهيءَ عرصي دوران هو اڪثر ڪري جناح جي ’آزاد پارٽيءَ‘ سان رهندو آيو ۽ 1938ع بعد جڏهن مرڪزي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ٺـهـي تـه ان جـو ميمبـر ٿيـو ۽ آخـر تائيـن ان ۾ شـامل رهيو. هو 1928ع ڌاري آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. 1929ع ڌاري هندستان سرڪار طرفان بئنڪنگ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ هن ميمبر ٿي ڪم ڪيو. 1930ع ڌاري ’آل انڊيا مسلم تنظيم ڪانفرنس‘ الهه آباد ۾ ٿي، جنهن جي هن صدارت ڪئي ۽ مسلمانن جي تنظيم ۽ سماجي سڌاري لاءِ ڪيتريون ئي مفيد تجويزون پيش ڪيائين. 1930ع ڌاري سنڌ جي مسلمانن طرفان سنڌ جي مالي حالتن بابت جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنهن جو پاڻ 1935ع تائين سيڪريٽري رهيو ان کان سواءِ 1931ع ڌاري جڏهن سرڪار طرفان سنڌ جي مالي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي ته هي ان جو به هو ميمبر رهيو. ستين جنوري 1931ع ڌاري مرڪزي سرڪار پاران کيس ڪئناڊا جي اٽاوا شهر ۾ ’امپيريل ايڪنامڪ ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. 1933ع ڌاري حج ڪميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو، جنهن سبب هن حاجين کي ڪيتريون ئي سهوليتون ڏياريون ۽ ساڳئي سال ۾ سنڌ انتظامي ڪميٽيءَ تي مقرر ٿيو.
1934ع ڌاري سنڌ آزاد ڪانفرنس جي اجلاس لاءِ مرحبا ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1935ع ڌاري نوانگر ۾ آل انڊيا ميمڻ ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين. کيس 1936ع ڌاري عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي ڪورٽ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال صوبي جي ايگريڪلچر ريسرچ ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو.
جڏهن ’سنڌ اتحاد پارٽي‘ ٺهي، تڏهن 1936ع ڌاري ان ۾ شامل ٿيو ۽ پهرين ان جو ليڊر ٿي ڪم ڪيائين، پوءِ ڊپٽي ليڊر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. سر شاهنواز جي بمبئيءَ وڃڻ کان پوءِ ان پارٽيءَ جو صدر ٿيو. ’سنڌ اتحاد پارٽيءَ‘ جي ٽُٽڻ کانپوءِ پير علي محمد شاهه راشديءَ ۽ ٻين دوستن سان گڏ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪيائين، 1939ع ڌاري مسلم ليگ سنڌ جو صدر مقرر ٿيو. هن مسجد منزل گاهه مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ لاءِ تحريڪ هلائي. مسلم ليگ طرفان انهي معاملي کي هٿ ۾ کڻڻ تي هندن طرفان گهڻي مخالفت به ٿي. هو انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو اهم ورڪر هو ۽ 1940ع ڌاري انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي ميمبر چونڊيو ويو ۽ اڳتي هلي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي پرڏيهي معاملن لاءِ مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. هن سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ گهڻي جدوجهد ڪئي ۽ ٿوري عرصي ۾ مسلم ليگ جو آواز سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويو. هن انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي مک اڳواڻ جي حيثيت سان 1941ع ڌاري لائلپور پنجاب ۾ شاگردن جي ڪانفرنس ۽ 1942ع ڌاري الهه آباد ۾ آل انڊيا سيرت ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. هن ستاويهين اپريل 1942ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ حاجي عبدالله هارونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.10.08  عيسوي

کيس 8 آڪٽوبر 1911ع تي طرابلس جي ترڪن جي مدد لاءِ سنڌ ۾ مير ايوب خان جي صدارت هيٺ قائم ڪيل هڪ انجمن ’هلال احمر سنڌ‘ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن تنظيم سنڌ مان چندو گڏ ڪري ترڪن جي مدد لاءِ موڪليو.


1921.05.01  عيسوي

پهرين مئي 1921ع تي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 21 آگسٽ 1934ع تائين ميمبر رهيو ۽ ان عرصي ۾ ڪيترائي ڀيرا مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو به ميمبر رهي شهر جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. 1913ع ڌاري آنرري مئجسٽريٽ مقرر ٿيو.


1920.06.22  عيسوي

22 جون 1920ع تي مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ طرفان هندستان جي وائسراءِ لارڊ چيلمسفورڊ کي هندستان جي مکـيـه قـومپـرسـت مـسلمـانـن پاران تـرڪـن تـان سخـتـي خـتـم ڪـرڻ لاءِ ميمورنڊم ڏنو ويو ته ان تي هن جي به صحي هئي.


1926.11.18  عيسوي

18 نومبر 1926ع تي مرڪزي ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته هي ان جو ميمبر چونڊيو ويو


1942.04.27  عيسوي

هن ستاويهين اپريل 1942ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارل اسٽين
چاچڙ حاجي خان اول
انور علي شاهه ڊاڪٽر
حامد علي مرزا
سيد قادر ڏنو شاهه
زبيده گهانگهرو
رشيد صديقي حافظ
رحيم بخش قريشي
ڌڻي بخش مهر مولانا
حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون